عبدالله بن وهب علامه

عبدالله بن وهب، علامه: علم حديث جي نامور عالمن مان عبدالله بن وهب بن مسلم الفهري به پنهنجي دور جو وڏو محدث هو. سندس ڪنيت ابو محمد آهي. هي اصل مصر جو هو، جتي سندس ولادت ذوالقعد 125هه/ 743ع ۾ ٿي. حديث جا چار سئو ائمه هن کان روايتون بيان ڪن ٿا، جن مان امام مالڪ، ليث بن سعد، محمد بن عبدالرحمان، سفيان ثوري، سفيان بن عُيينه، ابن جريج ۽ يونس وغيره نامور ٿي گذريا آهن.
علامه عبدالله، مصر کان سواءِ مڪي معظمه ۽ مديني منوره مان پڻ تعليم حاصل ڪئي. ليث بن سعد جيڪو سندس استاد آهي، ان پڻ هن کان ڪيتريون ئي حديثون نقل ڪيون آهن، امام مالڪ پڻ هن کان حديثون نقل ڪيون آهن. علامه عبدالله بن وهب پنهنجي زماني ۾ حجت هو ۽ هو ڪنهن جي به تقليد نه ڪندو هو، هي ويهه سال امام مالڪ جي صحبت ۾ رهيو. روايت آهي ته امام مالڪ، عبدالله بن وهب کانسواءِ ڪنهن کي به فقيهه ناهي لکيو، امام مالڪ هن کي ‘ابو محمد متقي فقيههِ مصر’ ڪري لکندو هو. علامه عبدلله کي هڪ لک حديثون برزبان ياد هونديون هيون ۽ هن جي تصنيف ڪيل ڪتابن ۾ هڪ لک ويهه هزار حديثون موجود آهن. سندس علمي لياقت بابت امام مالڪ ڏاڍي تعريف بيان ڪئي آهي. نامور عالم ۽ محدث ابن يوسف لکي ٿو ته، “عبدالله ابن وهب ٽن وصفن فقه، تفسير ۽ عبادات جو جامع هو.”
هڪ ڏينهن سندس ڪنهن شاگرد سندس مشهور ڪتاب ‘جامع ابن وهب’ مان قيامت جا هولناڪ منظر هن جي آڏو پڙهيا. هي اهي ٻڌي ڏڪي بيهوش ٿي ويو، جنهن کانپوءِ کيس گهر کڻي ويا ۽ اتي هوش اچڻ کانپوءِ به سندس ڏڪڻيءَ واري ڪيفيت برقرار رهي، انهيءَ حالت ۾ علامه عبدالله ابن وهب 72 سالن جي عمر ۾ 25 شعبان المعظم 197 هه 6 مئي 813ع ۾ رحلت ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو